استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج چوديواري تعمير جي اپيل

استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج چوديواري تعمير جي اپيل

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) گذريل 8 سالن کان مٿي استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جي ٻانھري چوديواري واري ڀت بائونڊري وال نه تعمير ٿي سگھيو.ان سلسلي ۾ انچارچ ڪاليج پروفيسر عرفان علي ڪلھوڙو چيو ته گذريل 8سالن کان تعليم کاتي جي ايجوڪيشن ورڪس سميت سڀني ادارن ڏانهن خط لکيا آھن، مگر افسوس، ڪنهن کي تعليمي ادارن جي خسته حالي تي رحم نٿو اچي، وزيراعليٰ سنڌ سميت وزير تعليم کي گذارش آھي ته ھن معاملي جو نوٽس وٺن، بائونڊري وال نه ھئڻ ڪري ڪيترائي مسئلا پيش اچي رھيا آھن. شھر جو چوپايو مال. مينھيون’ڍڳيون, ٻڪريون, ڪتا ڪاليج ۾ اچڻ روز جو معمول بڻيل آھي جنھن ڪري تعليم جي ماحول تي اثر پوي ٿو سڄو ڏينھن رولو نوجوان ديرو ڄمايو ويٺا آھن ڪاليج جي ڀر ۾ جيڪا ڪالوني آھي ان کي ڊرينج نه ھئڻ ڪري ڪنو پاڻي ڪاليج ۾ اچي ٿو.جنھن ڪري شاگرد ۽ استادن کي پڻ مختلف بيمارين جو خطرو آھي فوري طور حڪومت ڪاليج کي بائونڊري وال ڏياري شاگردن ۽ استادن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو