اسان جمهوريت، آزاد اليڪشن ڪميشن، ليول پليئنگ فيلڊ چاهيون ٿا

اسان جمهوريت، آزاد اليڪشن ڪميشن، ليول پليئنگ فيلڊ چاهيون ٿا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت ڳالهين جي ڳالهه ڪئي پر اڃا تائين ڳالهه ٻولهه شروع ناهي ٿي سگهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جمهوريت، آزاد اليڪشن ڪميشن ۽ ليول پليئنگ فيلڊ چاهيون ٿا.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته صوبي جو بجيٽ پاس ڪرڻ آئيني ذميواري هئي، وفاق کي پئسا باني پي ٽي آئي سان مشاورت کان سواءِ نه ڏينداسين. اسد قيصر چيو ته انتقامي ڪارروايون پڻ بند ٿيڻ گهرجن، اسان انهن مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. هن جو چوڻ آهي ته صوبائي اسيمبلي جا سڀئي ميمبر پي ٽي آئي سان وفادار آهن، ۽ ناراض ميمبرن جي خدشن کي ختم ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته ناراض ميمبرن جي بئريسٽر گوهر ۽ جنيد خان سان ملاقات ٿي آهي، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي ڳالهين جو اختيار ناهي، ڳالهين جو اختيار باني پي ٽي آئي پاران محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر کي ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو