ارڙي سبب هڪ ئي گهر ۾ 2 ٻارڙيون فوت

سيٺارجا (رپورٽ الطاف حسين ڀٽو) عثمان آباد پاڙي ۾ اقليتي برادري جي هڪ غريب پورهيت ڪالو مل جي 14 ورهين جي نياڻي ڪويتا ۽ سندس 3 ورهين جي پوٽي جيا ڌي چنو مل مارواڙي ارڙي جي خطرناڪ مرض ۾ ڪجھ ڏينھن مبتلا رهڻ بعد ڪجھ ڪلاڪن جي وقفي سان هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿي ويون هڪ ئي گهر ۾ ٻن نياڻين جي ارڙي سبب فوت ٿيڻ سبب ڪهرام برپا ٿي ويو جڏهن تہ ٻڌايو پيو وڃي تہ ڪجھ وڌيڪ ٻارڙا پڻ ارڙي جي مرض ۾ ورتل آهن ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور جي هدايتن تي فوڪل پرسن تعلقي ميرواھ ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل، ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ ڊاڪٽر منظور حسين خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر محمد علي سڪندر لُنڊ تي ٻڌل ڊاڪٽرن جي ٽيم فوت ٿي ويل نينگرين جي وارثن وٽ پهتي ۽ معلومات وٺڻ سميت  ارڙي ورتل وڌيڪ ٽن ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪرڻ سميت کين علاج ۽ دوائون مهيا ڪيون ويون ۽ ان معاملي جي رپورٽ پڻ ڊي ايچ او خيرپور کي اماڻي وئي فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل ٻڌايو ته ارڙي ۾ ورتل ٻارڙن جي علاج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا ويندا ٻئي طرف شهر اندر ارڙي جي وبا پکڙجڻ سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو