ممبئي (شوبز نيوز) ترڪي جي مشهور سيريز ’ارطغرل غازي‘ ۾ هڪ ڀارتي گاني ۾ ’توتڪن‘ جو ڪردار ادا ڪندڙ ترڪي اداڪار اوگور گنز جي انٽري ڏسي مداح خوش ٿي ويا.ترڪي جي اداڪار اوگور گنز تانيا سنگهه سان گڏ گيت ’ويه بيتا ڏينهن‘ جي ميوزڪ وڊيو ۾ اسڪرين شيئر ڪئي.مشهور ترڪي اداڪار ٽي سيريز جي هندي ميوزڪ ويڊيو جي پروموشن لاءِ ڀارت جو دورو پڻ ڪيو جڏهن ته شوٽنگ سندس وطن ترڪي ۾ ڪئي وئي.گاني جي وڊيو ۾ هڪ هندستاني ڇوڪري ۽ ترڪي جي شخص جي محبت جي ڪهاڻي ڏيکاري وئي آهي، جنهن جي وڊيو هدايتڪار پريم راج سوني آهي.اداڪارا تانيا سنگهه چيو ته پاپ ڪلچر کي انڊسٽري ۾ واپس آڻڻ منهنجي خواهش ۽ مقصد آهي.ٻئي طرف ريم راج سوني جو چوڻ هو ته گيت ايترو ته سهڻو آهي جو يقينن هر ڪنهن جي دل کي ڇهندو ۽ تانيا سنگهه سان شوٽنگ هڪ متاثر ڪندڙ سفر هو.










