ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻئي جي آءِ ٽي قائم

ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻئي جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ جي اسلام آباد صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي.اسلام آباد پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 5 رڪني جي آءِ ٽي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪندي.نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر کي جي آءِ ٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.جي آءِ ٽي ۾ ايس پي صدر، ايس ايڇ او رمنا ۽ جاچ آفيسر شامل هوندا.نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي جو پنجون ميمبر آءِ جي اسلام آباد جي صوابديد تي ڪو به آفيسر ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو