ارشد شريف قتل ڪيس، جوابدارن جي پاڪستان منتقلي غور هيٺ آهي: پرڏيهي کاتي

ارشد شريف قتل ڪيس، جوابدارن جي پاڪستان منتقلي غور هيٺ آهي: پرڏيهي کاتي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پرڏيهي وزارت سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قتل ڪيس جي جوابدارن جي پاڪستان منتقلي تي غور ڪيو پيو وڃي.عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت ڪينيا ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ اٿارٽيز سان ڪيس جي جاچ ۽ شاهديون حاصل ڪرڻ سميت پاڪستاني مشن سان به مسلسل رابطي ۾ آهي.جواب ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي ڪينيا مان پاڪستان منتقلي تي به غور ڪيو پيو وڃي، گڏيل عرب امارتن کان شاهديون گڏ ڪرڻ ۽ قانوني مدد لاءِ گهرو وزارت کي درخواست موڪلي ڇڏي آهي، پرڏيهي کاتي اسپيشل جي آءِ ٽي سان هر ممڪن سهڪار ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو