اٽلانٽا اسٽيڊيم ۾ جاري سيمي فائنل ۾ انگلينڊ، موجوده عالمي چيمپيئن ارجنٽينا خلاف 84هين منٽ تائين 1-0 جي برتري حاصل ڪري چڪو هو، پر پوءِ سڀ ڪجهه اوچتو ئي اوچتو خراب ٿي ويو.
85هين منٽ ۾ اينزو فرنانڊيز زوردار شاٽ ذريعي برابرِي جو گول ڪيو، جڏهن ته 92هين منٽ ۾ لاوتارو مارٽينيز هيڊر ذريعي کٽائيندڙ گول هڻي ڇڏيو. ٻنهي گولن جا پاس ليونيل ميسي ڏنا.
بس هڪ ئي لمحي ۾ انگلينڊ جا ورلڊ ڪپ فائنل ۾ پهچڻ جا خواب ٽٽي پيا. انگلينڊ 55هين منٽ ۾ اينٿني گورڊن جي گول ذريعي وڏي محنت سان برتري حاصل ڪئي هئي، پر پوءِ ٽيم پوئتي هٽي دفاع ڪرڻ لڳي ۽ ان جو ڳرو نقصان ڀوڳڻو پيو.
انگلينڊ جي هيڊ ڪوچ ٿامس ٽوخيل جو دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ناڪام ثابت ٿيو. هاڻي ارجنٽينا آچر تي نيويارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ اسپين سان مقابلو ڪندي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا انگلينڊ کي 1-0 جي برتري کان پوءِ ٻيو گول ڪرڻ لاءِ جارحاڻي راند جاري رکڻ گهرجي ها؟ ائين نه ٿيو، ۽ برتري حاصل ڪرڻ کان وٺي ٻيو گول کائڻ تائين انگلينڊ وٽ رڳو 12 سيڪڙو بال تي قبضو رهيو.
ٽوخيل اضافي وقت جي آخري لمحن ۾ وڃي فارورڊ مارڪس راشفورڊ ۽ آئيون ٽوني کي ميدان ۾ لاٿو، جڏهن ته برتري ملڻ کان پوءِ ايزري ڪونسا، ڊين برن ۽ نيڪو او رائلي جهڙا دفاعي رانديگر متبادل طور موڪليا ويا.
اڳوڻي انگلينڊ ڪپتان وين روني بي بي سي اسپورٽ سان ڳالهائيندي چيو: “اسان مڪمل طور تي ٽٽي پيا آهيون. اهو سڀ ڪجهه مينيجر ۽ سندس فيصلن کان شروع ٿيو. ٽيم تمام گهڻي غيرفعال ٿي وئي.”
هن وڌيڪ چيو: “دنيا جي چيمپيئن ٽيم خلاف اهڙي راند سان ڪاميابي ممڪن نه هئي. هي اسان جو سڀ کان وڏو امتحان هو، ۽ اسان ان ۾ ناڪام رهياسين.”
انگلينڊ پوئتي ڇو هٽي ويو؟
ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن انگلينڊ ارجنٽينا خلاف راند تي ڪنٽرول رکي رهيو هو ته پوءِ دفاع ۾ ڇو هليو ويو؟ ۽ ڇا ٽوخيل جي ٻئي هاف واري حڪمت عملي انگلينڊ جي فائنل ۾ نه پهچڻ جو وڏو سبب بڻي؟
اِن ورلڊ ڪپ دوران انگلينڊ شاندار همت جو مظاهرو ڪيو هو. ٽيم آخري 32 واري مرحلي ۾ ڊي آر ڪانگو ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ ناروي خلاف پوئتي هجڻ باوجود واپسي ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي.
اڳوڻي انگلينڊ ڪپتان ايلن شيرر چيو: “فرق اهو آهي ته ناروي يا ميڪسيڪو جهڙيون ٽيمون ارجنٽينا جهڙي معيار جون نه آهن. ارجنٽينا وٽ بال تي ڪنٽرول، تخليقيت ۽ مخالف کي سزا ڏيڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي.” هن وڌيڪ چيو: “ٽوخيل پنهنجا سڀ ڪارڊ تمام جلدي کيڏي ڇڏيا، ۽ اهو فيصلو آخرڪار سندس خلاف ويو.”
گورڊن جي گول کان پوءِ لڳو پيو ته انگلينڊ مڪمل طور ميچ تي حاوي ٿي ويو آهي. مداحن خوشي ۾ جشن ملهايو، پر ان کان پوءِ ٽيم اڳتي وڌڻ بدران پوئتي هٽي دفاع ڪرڻ لڳي.
اڳوڻو پريميئر ليگ چيمپيئن ڪرس سٽن بي بي سي ريڊيو 5 لائيو سان ڳالهائيندي چيو: “ٿامس ٽوخيل جي اها ڪوچنگ مڪمل تباهي هئي.” هن وڌيڪ چيو: “ارجنٽينا جهڙي اعليٰ معيار واري ٽيم خلاف 30 منٽ مسلسل دفاع ڪرڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي.”
سٽن جو چوڻ هو: “سڀ ذميواري ڪوچ تي اچي ٿي. تبديليون هن ڪيون، ۽ سندس سوچ منفي هئي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي ڪوچ تي مستقبل لاءِ ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟”
انگلينڊ اڳ به ارجنٽينا خلاف ڏکوئيندڙ شڪستن کي منهن ڏئي چڪو آهي. 1986ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ڊيگو ميراڊونا جو مشهور “هينڊ آف گاڊ” گول هجي يا 1998ع جي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست، اهي سڀ يادون اڄ به انگلينڊ جي مداحن کي تڪليف ڏين ٿيون. پر هن ڀيري انگلينڊ کي پنهنجي شڪست جو ذميوار پاڻ کي ئي سمجهڻ گهرجي.
اڳوڻي گول ڪيپر جو هارٽ چيو: “ناروي ۽ ميڪسيڪو انگلينڊ خلاف دٻاءَ ۾ اچي ويا هئا، پر مون ارجنٽينا جي رانديگرن ۾ ذرو به گهٻراهٽ نه ڏٺي.”
هن وڌيڪ چيو: “مون صرف اعتماد ڏٺو. انهن محسوس ڪيو ته ليونيل ميسي کي آزادي سان بال ڏنو وڃي، ۽ پوءِ هو سڄي انگلينڊ تي ڇانيل رهيا.”
جو هارٽ چيو ته: “گيرٿ سائوٿ گيٽ تي به وڏين ميچن ۾ برتري ملڻ کان پوءِ دفاعي راند اختيار ڪرڻ تي تنقيد ٿيندي رهي، پر لڳي ٿو ته هن ٽيم ۾ اڃا به ڪجهه نه بدليو آهي.”
ٽوخيل جون تبديليون مداحن کي ڇو مايوس ڪري ويون؟
جڏهن انگلينڊ 1-0 جي برتري حاصل ڪئي ته گهڻن ماڻهن جي اميد هئي ته ٽوخيل ٻيو گول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو، پر ان جي ابتڙ جرمن ڪوچ 3 دفاعي تبديليون ڪري ڇڏيون.
72هين منٽ ۾ هن اينٿني گورڊن جي جاءِ تي ايزري ڪونسا کي ميدان ۾ لاٿو ۽ ٽيم کي پنج دفاعي رانديگرن واري فارمِيشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ان کان ڏهه منٽ پوءِ ڊين برن ۽ نيڪو او رائلي کي به دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ٽوخيل بعد ۾ مارڪس راشفورڊ ۽ آئيون ٽوني کي به ميدان ۾ لاٿو، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ اهي تبديليون ڪو به فرق نه وجهي سگهيون.
وين روني چيو: “مون کي لڳو ته جڏهن اسان 1-0 جي برتري حاصل ڪئي، تڏهن جيڪي تبديليون ڪيون ويون، انهن کان پوءِ جيڪڏهن ارجنٽينا گول ڪري ها ته اسان وٽ اضافي وقت تائين پهچڻ جو به ڪو امڪان نه رهي ها.”
اڳوڻي انگلينڊ محافظ ميڪا رچرڊز چيو: “جڏهن انگلينڊ پهريون گول ڪيو ته کين ٻئي گول لاءِ به وڃڻ گهرجي ها.” هن وڌيڪ چيو: “ها، ارجنٽينا جي معيار جو احترام ڪرڻ ضروري هو، پر مسلسل پوئتي هٽڻ سان ارجنٽينا کي پنهنجي اصل راند کيڏي وٺڻ جو موقعو ملي ويو.”
“1-0 جي برتري کان پوءِ اسان رڳو بچاءُ ڪرڻ لڳاسين”
ارجنٽينا جي گول ڪيپر ايميليانو مارٽينيز به اعتراف ڪيو ته انگلينڊ جي پهرين گول کان پوءِ ميچ جو رخ تبديل ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ انگلينڊ اڳتي وڌڻ بدران دفاع ۾ هليو ويو.
مارٽينيز چيو: “ڪڏهن ڪڏهن جڏهن توهان کٽي رهيا هجو ته به اڳتي وڌڻ ضروري هوندو آهي.” هن وڌيڪ چيو: “توهان پنهنجي راند جو منصوبو تبديل نٿا ڪري سگهو. منهنجي خيال ۾ انگلينڊ اهو ئي ڪيو ۽ وڌيڪ دفاعي رانديگر ميدان ۾ لاٿا.”
ٽوخيل، 2022ع جي ورلڊ ڪپ جي مقابلي ۾، انگلينڊ کي بهتر نتيجو ڏياريو، جتي ٽيم ڪوارٽر فائنل تائين پهتي هئي ۽ فرانس هٿان ٻاهر ٿي وئي هئي.
پر هن انگلينڊ ٽيم وٽ هيري ڪين ۽ جوڊ بيلنگهم جهڙا عالمي معيار جا رانديگر موجود آهن، تنهنڪري اميدون به تمام وڏيون هيون.
انگلينڊ جي ڪپتان هيري ڪين به اشارو ڏنو ته سندن ٽيم وڌيڪ بهتر ڪري سگهي پئي. هن چيو: “جڏهن اسان 1-0 جي برتري حاصل ڪئي ته لڳو ڄڻ اسان صرف اها برتري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجون، جڏهنتہ هن سطح تي اهو ڪافي نه هوندو آهي.”
ڪين وڌيڪ چيو: “اسان سڀني هتي پهچڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي. رانديگرن پنهنجي رت، پگهر ۽ ڳوڙهن تائين سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو.”
هن چيو: “اسان شروع ۾ انهن تي سٺو دٻاءُ وڌو، بال کٽيا ۽ ميچ تي ڪنٽرول به حاصل ڪيو.” “پر گول ٿيڻ کان پوءِ، چاهي ارجنٽينا وڌيڪ رانديگر اڳتي موڪليا يا اسان سندن مقابلي ۾ هر رانديگر کي سنڀالي نه سگهياسين، حملن جي لهر پٺيان لهر ايندي رهي.”
“اسان جا رانديگر هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهيا، شاٽ روڪيندا رهيا، پر آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ڪافي ثابت نه ٿيو.”
وين روني وڌيڪ چيو: “جيڪڏهن توهان ميدان ۾ هڪ حمله آور رانديگر آهيو ۽ ڏسو ٿا ته مينيجر مسلسل دفاعي تبديليون ڪري رهيو آهي، ته توهان جو اعتماد پاڻمرادو گهٽجي ويندو.”
هن چيو: “توهان سوچڻ لڳندا آهيو ته، ‘هاڻي اسان ايتري دير تائين دفاع ڪيئن ڪنداسين؟ آخر هن دٻاءَ مان ڪيئن بچنداسين؟'”
ٽوخيل: “اسان تمام گهڻا غيرفعال ٿي ويا هئاسين”
ميچ کان پوءِ جڏهن ٿامس ٽوخيل کان پڇيو ويو ته ڇا هن ارجنٽينا خلاف غلط فيصلا ڪيا، ته هن چيو ته کيس “ڪنهن به ڳالهه جو افسوس ناهي” ۽ سندس تبديليون ان ڪري ڪيون ويون، ڇاڪاڻتہ انگلينڊ جي ٽيم “تمام گهڻي غيرفعال (Passive) ٿي وئي هئي.”
ٽوخيل چيو: “اسان فيصلو ڪيو ته پنج دفاعي رانديگرن واري فارمِيشن اختيار ڪريون ته جيئن خالي جڳهن کي بند ڪري سگهجي.”
هن وڌيڪ چيو: “اسان جي گول ٿيڻ کان پوءِ، بغير ڪنهن تبديلي جي به، اسان تمام گهڻا ڪراس ۽ ڪيترائي موقعا ڏئي رهيا هئاسين، تنهنڪري اسان ڪوشش ڪئي ته ٽيم جي مدد ڪريون.”
ٽوخيل پنهنجي فيصلن جي ذميواري قبول ڪندي چيو: “ذميواري ڪوچ تي هوندي آهي. جڏهن نتيجو سٺو نه اچي ته پوءِ اهو چوڻ آسان هوندو آهي ته فيصلو غلط هو.”
هن وڌيڪ چيو: “اڄ اسان ڪاميابي جي بلڪل ويجهو هئاسين. هي سڄي ٽورنامينٽ جو تجزيو ڪرڻ جو مناسب وقت ناهي.”
سيمي فائنل تائين پهچڻ باوجود، انگلينڊ فائنل ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو، جڏهنتہ ٽيم هڪ مرحلي تي برتري ۾ به هئي. ان ڪري ايندڙ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٿامس ٽوخيل جي حڪمت عملين ۽ سندس چونڊيل تبديليين تي سخت تنقيد ٿيندي رهندي.
اڳوڻي انگلينڊ محافظ ميڪا رچرڊز آخر ۾ چيو: “اڄ رات، دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيج تي، ٽوخيل کان غلطي ٿي، ۽ هاڻي کيس اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي.”










