ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب دوران پاڪستاني فلمن، ڊرامن ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار فهد مصطفيٰ کي پوليس جي اعزازي لقب سان نوازيو. فلم قائداعظم زنده آباد ۾ فهد مصطفيٰ جو ايس ايڇ او گلاب جو ڪردار تمام گهڻو مشهور ٿيو هو ۽ سندس ڪردار کي ساراهيندي اداڪار کي جشن آزادي جي موقعي تي سندس ڪارڪردگيءَ تي پوليس جي اعزازي خطاب سان نوازيو ويو آهي. نبيل قريشي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم ۾ اداڪار پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرپشن/رشوت ۽ ٻين سماجي براين کي بي نقاب ڪرڻ کان علاوه سنڌ پوليس جي مثبت ڪردار کي عوام ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس جي سٺي ڪارڪردگيءَ کي عوام اڳيان آندو. آءِ جي سنڌ فهد مصطفيٰ سان ملاقات ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ بهترين نتيجن جي حوالي سان پنهنجي قيمتي تجويزن کان آگاهه ڪيو. ان اهم موقعي تي فهد مصطفيٰ چيو ته اڄ مون کي يقين آهي ته گلاب پنهنجا سمورا وڏا خواب پورا ڪيا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو شڪريو ادا ڪندي هن چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي مون کي پوليس جو اعزازي لقب ڏيڻ منهنجي لاءِ خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي. تقريب ۾ سي پي ايل سي چيف زبير حبيب کان علاوه ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ، ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن سنڌ ۽ اي آءِ جي آپريشنز سنڌ اي آءِ جي ويلفيئر پڻ موجود هئا. ان کان علاوه هدايتڪار نبيل قريشي، ليکڪ ۽ فلمساز فضا علي مرزا ۽ ايل سي اي سنڌ جو چيئرمين ڪامل حيدر شاهه پڻ موجود هئا.










