اداڪاره عائزه خان ڪيڪ ڪاٽي 29هين سالگره ملهائي

اداڪاره عائزه خان ڪيڪ ڪاٽي 29هين سالگره ملهائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره عائزه خان اڄ پنهنجي 29هين سالگره ملهائي رهي آهي ان موقعي تي عائزه خان ڪجهه خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون. پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي موجوده دور جي ڪامياب اداڪاره عائزه خان گذريل رات 12 وڳي پنهنجي گهرڀاتين سان سالگره ملهائيندي تصويرون شيئر ڪيون. تصوير ۾ عائزه پنهنجي مڙس دانش تيمور ۽ ٻنهي ٻارڙن حورين ۽ ايان سان گڏ بيحد خوش نظر آئي جڏهن ته ان سان گڏ گلاب جا گل به نظر آيا. عائزه خان دانش سان گڏ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽڻ جون تصويرون به شيئر ڪيون. عائزه خان 15 جنوري 1991 تي پيدا ٿي هن پاڪستان جي مقبول ترين ڊرامي ميري پاس تم هو ۾ مهوش جو مرڪزي ڪردار نڀايو آهي ۽ هن وقت عائزه خان کي پاڪستان جي پهرين صف جي اداڪاره طور مڃتا ملي رهي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو