اداڪارا ۽ مادل نمرا شاهد شادي ڪري ڇڏي

اداڪارا ۽ مادل نمرا شاهد شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اي مشت خاڪ جهڙن ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا، ماڊل ۽ يوٽيوب نمره شاهد خاموشي سان شادي ڪري ورتي. نمرہ شاهد پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ يوٽيوب جي حيثيت سان ڪئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ماڊلنگ ڪندي نظر آئي. نمرہ شاهد 2016ع کانپوءِ اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻوڪي ڏينهن ۾ سندس ڊرامو اي مشت خاڪ تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن اهم معاون ڪردار ادا ڪيو آهي. اداڪاره نمره شاهد ٻه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن شادي جو اعلان ڪندي چيو ته هن 28 مارچ تي نئين زندگي جي شروعات ڪئي آهي. هن پنهنجي پراڻي دوست ذوالقرنين سان شادي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو