اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ملازمت واري واڌ جي گناهه ۾ هوءَ شامل نه هئي. خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن اهڙو بيان ڏنو ۽ چيو ته مان ان جي منڍ کان حامي نه هئس. سندس اهڙي بيان بعد مسلم ليگ ۾ شهباز شريف جي مفاهمت ۽ نواز شريف جي مزاحمت واري بيانيي تي اختالف اڃا وڌي ويا آهن ۽ ٻئي هڪٻئي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ۾ واڌ بابت وزيراعظم عمران خان آگسٽ 2019 ۾ حڪم جاري ڪيو هو جيڪو سپريم ڪورٽ معطل ڪندي قانون سازي جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد جنوري 2020 ۾ پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي سندس ملازمت ۾ 3 سالن جي واڌ جو ترميمي بل منظور ڪيو هو ۽ اپوزيشن جي وڏي جماعت مسلم ليگ (ن) ان جي حمايت ڪئي هئي. مريم نواز جي هن بيان بعد نئون بحث ڇڙي پيو آهي. عمران خان طاقتور کي قانون جَي تابع آڻڻ جا ڀاشن ڏيندو هو، چوندو هو ته جيڪڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ته سمجهي وڃو ته وزير اعظم ڪرپٽ آهي، خان صاحب هاڻ پاڻ کسڪڻ جِي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته نواز شريف جي لاهور ۾ ويڪسينيشن واري کِل جوڳي خبر ٻڌي ڳڻتي ٿي آهي، حڪومت جي هر شئي جعلي آهي، هاڻي ماڻهو به چون ٿا ته وزيراعظم جي حيثيت ميئر کان وڌيڪ نه آهي، ڌانڌلي جي پيداوار جو سوراخ بند ٿيڻ تائين چونڊ سڌارن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو. مريم نواز چيو تھ اِي وي ايم ذريعي 2018ع جيان ووٽ چوري ڪرڻ جي نئين ڪهاڻي گَهڙِي پئي وڃي، ادارن جي احترام جو درس ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن تي حملي آور آهن، ميمبرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڪسائڻ وارو بيان انتهائي خطرناڪ آهي، هن چيو ته جاويد لطيف نواز ليگ جو سچو سپاهي آهي، نوٽيس جي جواب ۾ خبر پئجي ويندي ته سندس بيان پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل