ادارا اڻ ڌريون چونڊون ڪرائين، پي ٽي آءِ دفن ٿي ويندي، شهباز

راولپنڊي(بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته 2023 جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي هميشه لاءَ سياسي طور دفن ڪري ڇڏايندسين. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن( جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو هون چيو ته سموران ادارن جو آئيني فرض آهي ته ايندڙ عام چونڊون شفاف ڪرايون وڃن. هن چيو ته شفاف چونڊن بعد 2023 ۾ نواز شريف چوٿو ڀيرو وزيراعظم ٿيندو. هن چيو ته تازو ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي موت ٿي ويو، مهانگائي ۽ غربت سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم چئي ٿو گهٻرائڻو ناهي. ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي موت ٿي ويو آهي، ڪينٽومينٽ بورڊ جي صاف ۽ شفاف چونڊ ٿي، اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ وقت ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون. وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي شهباز شريف چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جي هٿان سوا ٽن سالن ۾ ملڪ تباهه ٿيڻ تي پهچي ويو آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم پاڪستان کي معاشي طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هُن قرض وٺي پاڪستان کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته، اَٽو، دال ۽ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، اڄ غريب ماڻهو ئي دوا نٿي ملي، بجلي جا بل غريب ماڻهن تي بجلي بڻجي حملو ڪري رهيا آهن، قوم جو تيل ڪڍندڙ سليڪٽيڊ چوي ٿو ته اوهان کي گهٻرائڻو ناهي، شهباز شريف چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙن لکين نوجوانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، اڄ سوا ٽن سالن بعد ماڻهن جون اکيون کلي ويون آهن، پي ٽي آءِ کي سياسي طور تي هميشه دفن ڪري ڇڏينداسين.

Khawaja Asif Convention address

ان کان اڳ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته نواز ليگ ۾ اختلاف آهن، جهيڙو ورڪرز ۾ نه پر قيادت جو آهي، هاڻ اِهي جهيڙا ختم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ ڪنهن به وقت چونڊون ٿي سگهن ٿيون، ڪارڪن نواز شريف جي قيادت ۾ ڪراچي کان پشاور تائين اتحاد قائم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو