اختيارين جو زمينون ۽ ٻيلا نه بچائي سگهڻ جو اعتراف

سکر (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيلي کاتي جي عملدارن زمينون ۽ ٻيلا نه بچائي سگهڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر برانچ ۾ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن ۽ ٻيلن جي وڻن جي واڍي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ٻيلي کاتي جا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته وڏيرو ٻيلي کاتي کان ڏاڍو آهي، ٻيلا ۽ وڻ نه بچائي سگهاسين ته ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي وينديون. ڊي ايف او هوش محمد شر اعتراف ڪندي چيو ته ڪچي وارن علائقن ۾ فورس کان سواءِ ٻيلن کي بچائي نه نٿا سگهون. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته نالو وڏو ديهه ويران، جيستائين ادارن کي مضبوط نه ڪنداسين ائين ئي ٿيندو رهندو. هن چيو ته ٻيلو کاتو پنهنجي زمين جي مالڪي نٿو ڪري، پراڻا وڻ آهن يا نه، جيڪڏهن آهن ته ٻڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو