احمد شاھ سان  ترڪ سفير جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون

احمد شاھ سان ترڪ سفير جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ ترڪيه جي قونصل جرنل جمال سانگو سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اقتصادي سهڪار، مختلف شعبن ۾ وفدن جي تبادلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي اطلاعات اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي ٻطرفي برادراڻا تعلق ڪيترن ئي ڏهاڪن تي لاڳاپيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته استنبول ۾ پاڪستان جي سنگل ڪنٽري نمائش جي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. محمد احمد شاھ چيو ته ترڪيه هر مشڪل گھڙي ۽ قدرتي آفتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي قونصل جرنل جمال سانگو چيو ته ترڪيه پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام اهميت ڏيندو آهي. هن چيو ته استنبول ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد احمد شاھ ترڪيه جي قونصل جرنل کي گلدستو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سورهيو به ان موقعي تي موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو