احساس سينٽر تي ڇاپو، ايجنٽ گرفتار، رقم واپس

احساس سينٽر تي ڇاپو، ايجنٽ گرفتار، رقم واپس

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جو احساس ڪفالت سينٽر تي ڇاپو، ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽ پڪڙجي پيو، 15 عورتن جي ڪٽيل رقم واپس، بليڪ لسٽ قرار. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ عوامي شڪايتن جو نوتيس وٺندي احساس ڪفالت تحت مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي جنهن تحت اسسٽنٽ ڪمشنر شهريار قمر سنگل سيشن اسڪول ڏهرڪي ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي ڇاپو هڻي الرحمان ڪميونيڪشن جي ايجنٽ شهباز علي کان 15 مستحق عورتن جي ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايت تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڄاڻايل ايجنٽ کي بليڪ لسٽ قرار ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل بينڪ کي سفارش ڪري ڇڏي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو