ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي آغا سراج دراني چيو ته تفصيلي فيصلو ڏسڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسيمبليون 5 سالن جي لاءِ هونديون آهن ان کي ٽوڙڻ جي لاءِ سبب هجڻ گهرجن. جيڪي ميمبر اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي قرارداد آڻيندا آهن اسپيڪر انهن کي چيمبر ۾ طلب ڪندو آهي. ميمبرن کي اسيمبلي ٽوڙڻ جا سبب اسپيڪر سامهون ويهي لکڻا هوندا آهن جنهن کان پوءِ اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.ياد رهي ته آغا سراج دراني جوڊيشل ريمانڊ تي آهي ۽ سنڌ جي گهرو وزارت آغا سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.










