اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪندي داخل ڪيس مان دهشتگردي جي شق ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد حسن عباس درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ اڳواڻن اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردي جي شقن کي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز اعواڻ ۽ راجا خرم به عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت 27 فيبروري تي پراسيڪيوشن کان جواب طلب ڪري ورتو.










