اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اثاثا لڪائڻ يا ظاهر نه ڪرڻ تي مني لانڊرنگ ڪيس داخل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مني لانڊرنگ بابت درخواست تي 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.راولپنڊي جي واپاري الطاف احمد گوندل جي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊووڪيٽ عدنان رنڌاوا ڪئي.چيف جسٽس اطهر من الله جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ته مني لانڊرنگ ايڪٽ لاڳو نه ٿيندو جيڪڏهن ڏوهن جي رقم سان اثاثا نه ٺاهيا ويا.فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ جي ڪارروائي لاءِ ڏوهن جي رقم ۽ اثاثا ٺاهڻ جي وچ ۾ تعلق ثابت ڪرڻ ضروري آهي مني لانڊرنگ 2010 ايڪٽ جي سيڪشن 4 تحت هڪ قابل سزا جرم آهي، جيڪو مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ نافذ ڪيو ويو هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته 29 جون 2021 تي داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ يا اثاثا لڪائڻ جو الزام آهي. لکت واري فيصلي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اهو رڳو اثاثا لڪائڻ جو ڪيس آهي، اهو مني لانڊرنگ جو ڏوهه نٿو بڻجي، عدالت مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.










