ميرانشاه (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۾ فائرنگ ۾ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ زخمي ٿي پيو.پوليس محسن داوڙ جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ميران شاهه ۾ محسن داوڙ جي حمايتين احتجاج ڪري رهيا هئا.مظاهرين جو چوڻ هو ته هو اتر وزيرستان ۾ چونڊ نتيجن ۾ دير جي خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، پوليس فائرنگ ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن داوڙ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته محسن داوڙ کي ميرانشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، فائرنگ ۾ محسن داوڙ جا ڪجهه ساٿي پڻ زخمي ٿيا آهن، سمورن زخمين کي ميرانشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










