لنڊن (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ڳالهائيندي ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته موجوده اسيمبلين کي پنهنجو مدو پورو نه ڪرڻ گهرجي پر آڪٽوبر تائين نئين چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته اسان ڏيڍ سال کان نه آيا آهيون، جلد چونڊن ۾ وڃڻو پوندو. ڳالهين دوران اسحاق ڊار قرض جي معاهدي جي مدي ۾ واڌ بدران عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان نئون معاهدو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته گذريل حڪومت تمام سخت شرطن تي اتفاق ڪيو هو، اسان کي ملڪ هلائڻو آهي، ڊڪٽيشن وٺڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو ٿيڻو آهي، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام تي بار نه ٿي وجهي سگهي.اٽي جي قيمتن بابت ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اٽي تي سبسڊي ڏني ويندي جنهن سان ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو اگهه گهٽ ٿي ويندو، خيبرپختونخواهه حڪومت کي به اٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي.










