حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه پوسٽمارٽم بعد حيدرآبد مان بدين روانو ڪيو ويو آهي. ميت جيئن ئي بدين پهتو ته وڏي تعداد م شهري گڏ ٿي ويا جن مڙهه مٿان گل پاشي ڪئي. سنڌ جي ساڃاهه وندن سندس قتل جي جاڄ جو مطالبو ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عمران خواجا صحافين کي ٻڌايو ته آڪاش جي جسم تي ڇرين جا 17 گهاءَ نوٽ ڪيا ويا آهن. ڪنڌ تي گهرو زخم آهي، سندس مڻڪو ڀڳل آهي.پيٽ تي 7 زخمن جا نشان آهن جن مان 4 زخم ايترا گهرا آهن جيڪي ڦڦڙن تائين گهرا آهن. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عباس کاڻوٺي سنڌيار کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش کي گرين شرٽ پاتل هئي جيڪا سڃي رت ۾ رڱيل هئي. جسم جو مٿيون پاسو سڙيل هو پٺي وارو پاسو سڙيل نه هو. هن ٻڌايو ته پٺيءَ ۾ به 2خ4 سينٽيميٽرگهرو زخم آهي. ڊاڪٽر ٻڌايو ته سندس قميض مان گاسليٽ جي بوءِ به اچي رهي هئي. ڊاڪٽر چيو ته لڳي ٿو ته کيس نشو ڏئي مٿس تشدد ڪري قتل بعد باهه ڏني وئي آهي. باهه سبب جسم سڙيل آهي. ڊاڪٽ موجب هن ڪاروائي ۾ ٽي کان پنج جوابدار ملوث ٿي سگهن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وارث ميت بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ لاءِ بدين کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي مان پوليس لاش موٽرائي پوسٽ مارتم ڪرايو. اسپتال م موجود پوليس اهلڪار ڊاڪٽرن کي چوندا رهيا ته جنهن ڪمري مان لاش مليو آهي اتي هڪ شيشو به ڀڳل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته کيس ڳچي م شيشو لڳو هجي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جسم مان شيشي جو ڪو ذرڙو به ناهي مليو. پوليس سرجن وسيم خان جيڪو موڪل تي هو، تنهن ڊاڪٽرن کي فون ڪري پوسٽمارٽم لاءِ گهرايو پر بعد م فون بند ڪري ڇڏيو. ڊيوٽي ڊاڪٽر عبدالحميد مغل به موڪل تي هو پر بعد ۾ هو اسپتال پهتو. جنهن کي نوٽس ڊاڪٽر عمران خواجا ۽ ڊاڪٽر عباس کاڻوٺي شيئر ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس سرجن، هدايت ڪئي آهي ته پوسٽمارٽم رپورٽ ڊاڪٽر عبدالحميد مغل سومر تي جاري ڪندو. اهو ه اهم سوال آهي ته جن ڊاڪٽرن معائنو ڪيو انهن بدران موڪل تي ويل ڊاڪٽر ڇو پوسٽمارٽم جاري ڪندو؟ پوليس به بظاهر خود ڪشي جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪري. اسپتال ۾ جامي چانديو، ذوالفقار قادري، ذوالفقار هاليپوٽو سميت وڏي انگ ۾ اديب، شاعر ۽ وڪيل موجود هئا.










