اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل چيو ته ڳجهي اداري کان بااختيار آفيسر ڊيٽا طلب ڪري ٿو.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لائيو ڪال مانيٽر ڪري سگهو ٿا؟ اهي درخواستون فون ٽيپنگ سان لاڳاپيل آهن.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ 2013 ۾ نئين پاليسي آئي، گهرو وزارت هڪ ايس او پي جاري ڪيو، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سڌو سنئون سروس فراهم ڪندڙ ادارن کان ڊيٽا گڏ ڪري سگهي ٿي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين ادارن کان ڊيٽا وٺي سگهي ٿي جيڪڏهن گهربل هجي.جسٽس بابر ستار چيو ته هي ايس او پي هڪ سيڪشن آفيسر جاري ڪيو آهي، ان ۾ لاڳاپيل اٿارٽي جو ڪو به ذڪر ناهي، گهرو وزارت وٽ اهو اختيار ڪيئن آهي، هي ايس او پي ڪهڙي قانون تحت جاري ڪيو ويو؟ بغير ڪنهن وارنٽ جي لائيو لوکيشن ڪيئن شيئر ڪري سگهجي ٿي، حڪومت ڪهڙي قانون تحت فيصلو ڪيو آهي ته اهي هي ڊيٽا حاصل ڪري سگهن ٿا؟ گهرو وزارت جي هڪ سيڪشن آفيسر هڪ ايس او پي جاري ڪيو آهي، سيڪشن آفيسر جي ايس او پي تحت توهان کي ڊيٽا ملي ٿي، توهان فون ٽيپنگ بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن، ان جي قانوني حيثيت به ڏسڻي آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳجهن ادارن کي ڊيٽا ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.جسٽس بابر ستار سوال ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو هڪ ڪيس تائين محدود آهي يا مستقل؟ ڇا توهان ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيو هن پاليسي جي ميڪانيزم جي مطابق؟،ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل چيو ته ائين ئي آهي.










