آڊيو ليڪ ڪير پيو ڪري ؟ فواد چوڌري

آڊيو ليڪ ڪير پيو ڪري ؟ فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آڊيو ڪير ليڪ ڪري رهيو آهي؟ صحافين کي آڊيوز ڪير موڪلي ٿو؟ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته آڊيو ليڪ ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.جڏهن آڊيو ليڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ته پوءِ وڌيڪ معاملو ڏٺو ويندو.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبليون بحال ڪرڻيون آهن ته پهرين آئين کي ختم ڪرڻو پوندو. اسيمبلين کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي وزير جو اختيار پهريان ته ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو.هن چيو ته صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن اهو ڄاڻيندي ووٽ ڏنو ته اسيمبليون ٽوڙي وينديون، ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو جمهوري عمل هوندو، جنهن کي خبر آهي ته اسيمبليون ٽوڙي وينديون.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسيمبليون بحال ٿيون ته اهي ٻيهر ٽوڙي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو