اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ مبينا آڊيو ليڪز جو ٽرانسڪرپٽ به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ٻين ميمبرن کي ملوث ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ شهباز شريف ۽ ڪابينا خلاف ڪرمنل ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آڊيو ليڪس ۾ موجوده حڪومت جي بدنيتي واضح ٿي رهي آهي، شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، اعظم تارڙ، اياز صادق خلاف فوجداري ڪارروائي ڪئي وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته استعيفائن جي مرحليوار منظوري بابت التوا واري ڪيس سان گڏ درخواست داخل ڪئي وڃي.انڪوائري ڪميشن کي وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کان به انڪوائري ڪرڻ گهرجي، اعظم تارڙ، خواجا آصف، احسن اقبال، اياز صادق، اسپيڪر قومي اسيمبلي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، آڊيو ليڪس ۾ درخواستگذار کي سياست کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي، هنن. آڊيو ليڪس هڪ مجرمانه سازش جي حصي طور درخواست ڪندڙ کي نشانو بڻايو.پي ٽي آءِ به موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومتي وزيرن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سيڪريٽري جي سهڪار سان سازش رچائي، آڊيو ليڪس جو اعتراف وزيراعظم ۽ گهرو وزير ڪيو آهي، عدالت نوٽيس وٺي.










