آڊيو ليڪس جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، انٽيليجنس سربراه به شامل

آڊيو ليڪس جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، انٽيليجنس سربراه به شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آڊيو ليڪس واري معاملي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 12 رڪني اعليٰ اختياري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب وفاقي وزيرن ۾ شيري رحمان، اعظم نذير تارڙ، اسد محمود ۽ امين الحق شامل آهن.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ۽ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) به ڪميٽي ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ به ڪميٽي ۾ نمائندگي ڪري سگهي ٿو، ان جو نامزد نمائندو به ڪري سگهي ٿو نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ سائبر سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي جي جاچ ڪندي ۽ ڪميٽي 7 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ موجود سيڪيورٽي پروٽوڪول جو جائزو وٺندي ۽ وزيراعظم هائوس ۾ فول پروف سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ايڪو سسٽم کي يقيني بڻائيندي، ان کان علاوه ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ اي سيفٽي سسٽم جو جائزو وٺندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي وزيراعظم هائوس ۾ ڊيٽا محفوظ ڪرڻ لاءِ سفارشون پڻ ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو