ججن جي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ 3 ميمبرڪميشن قائم

ججن جي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ 3 ميمبرڪميشن قائم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن جي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي آهي. ٻن ٻين ميمبرن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن. ڪميشن هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪندي ۽ وڌيڪ وقت گهربل هجن تي مدي ۾ حڪومت واڌ ڪندي. جيتوڻيڪ سياستدانن، ججن، وڪيلن ۽ ٻين ڪميشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جسٽس مظاهر نقوي جي آڊيو ليڪ جي جاچ ڪندي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي آڊيو ليڪ جي معاملي جي به جاچ ٿيندي ۽ سپريم ڪورٽ جي بئنچ آڏو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ڪابينا ڊويزن جڊيشل ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اٽارني جنرل ڪميشن جي مدد ڪندو. سمورا سرڪاري ادارا ۽ اختياريون ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند هوندا.ڪميشن جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 3 تحت ٺاهي وئي، ڪميشن عدليه سان لاڳاپيل آڊيو ليڪس جي انڪوائري ڪندي.اهي آڊيو ليڪس سچا آهن يا نه، منگرٽ ڪميشن 30 ڏينهن اندر جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي.وڪيل ۽ صحافي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪئي ويندي، اڳوڻي چيف جسٽس ۽ وڪيل جي آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪئي ويندي.ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ جي سوشل ميڊيا تي هلندڙ آڊيو ليڪ جي معاملي جي جاچ ڪندي، عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ ڪميشن جوڙي ويندي.ڪميشن چيف جسٽس جي ساس ۽ سندس دوست جي مبينا آڊيو ليڪ جي جاچ ڪندي. قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي راءِ نه ورتي وئي آهي ڇو ته ڪافي معاملا سندس چوگرد گهمن ٿا. ان حوالي سان وزيراعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج کي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.  چيف جسٽس آف پاڪستان جي راءِ نه ورتي وئي آهي ۽ نه ئي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته آڊيو ليڪس سان اداري جي ساک متاثر ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو