اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۽ آمريڪا جي دوري ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقاتن جو احوال ڏنو.شهباز شريف چيو ته عالمي اڳواڻن سان حوصلا افزائي واريون ملاقاتون ٿيون، چين ۽ روس جي صدرن سان به ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته ٻوڏ تاريخ ۾ بي مثال تباهي مچائي، ٻوڏ سبب 1600 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. شهباز شريف چيو ته جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جو مضبوط موقف پيش ڪيو، اسلام فوبيا تي پاڪستان جو مضبوط موقف پيش ڪيو، ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪئي.هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال تي همدردي ۽ امداد تي آمريڪي صدر جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀرپور حمايت ۽ ڪوشش آهي، شيري رحمان ۽ مريم اورنگزيب جون محنتون به شامل آهن، عالمي اڪيلائي ۾ پاڪستان کي نقصان ٿي رهيو آهي، مان ان جو اکين ڏٺن شاهد آهيان. حڪومت دوست ملڪن کي ڪيئن ناراض ڪيو، گذريل حڪومت پرڏيهي پاليسي کي خراب ڪيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو پر هاڻي پاڪستان عالمي اڪيلائي مان نڪري چڪو آهي.شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو، دنيا ۾ رهڻ جو انداز عزت ۽ وقار سان آهي، گذريل حڪومت جا ماڻهو دوست ملڪن جي سربراهن سان ائين ملندا هئا ڄڻ پڇڻ آيا هجن، دوستي ۽ ڀائيچاري وارا هجن. دوست ملڪن جي سربراهن جي لفظن کي ورجائي نه ٿو سگهجي، اهو هڪ رياستي راز آهي. وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪ انتهائي اهم معاملو آهي، آڊيو ليڪ جي معاملي تي اعليٰ اختياري ڪميٽي ٺاهي رهيو آهيان، آڊيو ليڪ کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات لاءِ ڪير ايندو؟ هن چيو ته اها 22 ڪروڙ عوام جي عزت جي ڳالهه آهي، هن وڏي وزير کان وٺي وزيراعظم تائين سمورا سرڪاري دورا ڪيا، خرچ هن پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو، هن عزت جي ڳالهه نه ڪئي ۽ پاڻ کي آئنسٽائن سمجهيو. هن جي ٽنگ تي ٽنگون رکيون وغيره وغيره، ائين نه ڪرڻ، اهڙي صورتحال پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي عوام لاءِ ٻوڏ جي حوالي سان ڳالهايو، ڊونرز ڪانفرنس لاءِ مڪمل تياريون ڪيون پيون وڃن، ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا، پاڪستان جي عوام جي خواهش آهي ته هو اڳتي وڌي رهيا آهن. انهن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.










