آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ٽئين ورسي، ڀارتي جارحيت ناڪام

آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ٽئين ورسي، ڀارتي جارحيت ناڪام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ هو ته آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ مادر وطن جي دفاع ۾ هٿياربند فوجن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم جو ثبوت آهي. سوشل ميڊيا تي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) آءِ ايس پي آر طرفان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا ٽي سال پورا ٿيڻ تي پيغام جاري ڪيو آهي. اڄ کان ٽي سال اڳ پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو هو ۽ سندن 2 جنگي جهاز ڪيرايا هئا ۽ سندن هڪ پائلٽ اڀينندن کي گرفتار ڪيو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيه ڀارتي دراندازي جي جواب ۾ ڀارت جا 2 جنگي جهاز ڪيرايا جڏهن ته پاڪ نيوي به سمنڊ ۾ ڀارتي آبدوز کي نشانو بڻايو هو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي اڄ دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو