واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڳجهي دستاويز ليڪ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب جوابدار جي سڃاڻپ جيڪ ٽيڪسيرا جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ميساچوسٽس ايئر نيشنل گارڊ جو ميمبر آهي.ايف بي آءِ جيڪ ٽيڪسيرا کي ميساچوسٽس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ايف بي آءِ موجب يوڪرين جي جنگ سان لاڳاپيل دستاويز ليڪ ڪندڙ جيڪ کي اڄ پيش ڪيو ويندو.رپورٽن مطابق جوابدار آن لائن گروپ جو سربراھ آهي جنهن تي دستاويز جاري ڪيا ويا، ايف بي آءِ پاران جوابدار جي گهر تي ڇاپو پڻ هنيو ويو.آمريڪي ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس پينٽاگون جو چوڻ آهي ته شڪي شخص ڄاڻي واڻي مجرمانه فعل ڪيو.نيو يارڪ ٽائمز جي مطابق، 21 سالن جي جيڪ ٽيڪسيرا 20 کان 30 ماڻهن جي هڪ آن لائن گروپ جي اڳواڻي ڪري ٿو، جنهن کي ٺگ شيڪر سينٽر سڏيو ويندو آهي، جيڪو بندوق، ويڊيو گيمز ۽ نسل پرست ميمز ۾ دلچسپي جا پيغام شيئر ڪري ٿو.يو ايس ڊپارٽمينٽ آف جسٽس گذريل هفتي ليڪ ٿيل ڳجهي دستاويزن جي جاچ شروع ڪئي ، پينٽاگون جي درجه بندي دستاويزن کي فوري پيغام رسائيندڙ پليٽ فارم ڊسڪورڊ تي شيئر ڪيو ويو.










