آمريڪي ڊالر جو زوال جاري، هڪ رپيو 94 پئسا سستو

آمريڪي ڊالر جو زوال جاري، هڪ رپيو 94 پئسا سستو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊالر جي مهانگائي ۽ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ اضافو جو سلسلو جاري آهي.آمريڪي ڊالر اڄ صبح جو ڪاروبار جي شروعات تي پڻ گهٽجي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 94 پئسا سستو ٿيڻ بعد 220 رپيا ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 22 سيپٽمبر کان وٺي ڊالر جي قيمت ۾ 19 رپيا 71 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ بعد 222 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مخلوط ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو، جڏهن ته هن وقت مثبت رجحان آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 163 پوائنٽس وڌي 42323 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو