آمريڪي وفد جي ايڇ ڪيو ايڇ دورو خطي ۾ سيڪيورٽي تي غور

آمريڪي وفد جي ايڇ ڪيو ايڇ دورو خطي ۾ سيڪيورٽي تي غور

راولپنڊي(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)آمريڪي نائب سيڪريٽري دفاع جي اڳواڻي ۾ وفد جي ايڇ ڪيو جي دورو ڪيو جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري دفاع ڊيوڊ هيليو ڪئي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪئي.آءِ ايس پي آر مطابق آمريڪي وفد پاڪ آمريڪا دفاعي ڳالهين هيٺ مشاورتي دورو ڪيو ، مشاورتي اجلاس ۾ خطي ۾ سيڪيورٽي جي معاملن ۽ ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي مطابق ، اجلاس ۾ پاڪ آمريڪا فوجي سهڪار وڌائڻ ۽ مظبوط ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب ، پاڪستاني ۽ آمريڪي وفدن خوشگوار ۽ تعميري انداز ۾ گفتگو ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو