واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ لاءِ اڄ اڱاري تي پولنگ جاري آهي. ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس ڪاميابي جا دعويدار آهن پر آمريڪي چونڊون ڪور ڪندڙ سينئر صحافين جو چوڻ آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن به اميدوار جي واضح ڪاميابي جا آثار آخر وقت تائين چٽا نه ٿي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ مختلف پولز ۾ ڪملا هيرس کي پنهنجي حريف تي رڳو هڪ سيڪڙو فوقيت حاصل آهي پر جارجيا، پينسلوانيا، وسڪانسن، نارٿ ڪيريلونا، ايريزونا، نواڊا ۽ مشيگن جون سوئنگ رياستون نتيجن کي پلٽي سگهن ٿيون. بي بي سي جي رپورٽ موجب 6 ٽائم زونز سبب پهرين پولنگ اڱاري تي جي ايم ٽي موجب رات 11 وڳي يعني پاڪستاني وقت موجب اربع تي فجر وقت 4 وڳي ۽ آخري پولنگ اربع تي جي ايم ٽي موجب 6 وڳي يعني پاڪستاني وقت موجب اربع تي 11 وڳي منجهند وقت پورو ٿيندو. 2016 ۾ صدر ٽرمپ جي ڪاميابي جو اعلان تي پولنگ ختم ٿيڻ جي چند ڪلاڪن بعد اعلان ڪيو ويو هو پر 2020 ۾ صدر بائيڊن جي ڪاميابي جوا علان پولنگ ختم ٿيڻ جي 4 ڏينهن بعد ڪيو ويو هو ڇو ته ان وقت پينسلوانيا ۾ ووٽن جي ڳڻپ ۾ دير ٿي هئي. پهريون ڀيرو امريڪي صدارتي چونڊ ۾ 7 ڪروڙ 70 لک ووٽر پولنگ ڊي کان اڳ پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. هن ڀيري 4 ڪروڙ نوان ووٽر بڻيا آهن. چونڊ مهم جون آخري گهڙيون ڊونلڊ ٽرمپ مشيگن ۽ ڪملا هيرس پينسلوانيا ۾ گذاريون هيون. ٽرمپ معيشت کي اوج ڏيارڻ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ جا واعدا ڪيا آهن. جڏهن ته ڪملا هيرس معاشري مان خوف ۽ تقسيم ختم ڪرڻ، مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن کي ٻار ڪيرائڻ جي اجازت ڏيڻ سميت صحت جي شعبي ۾ وسيع اصلاحات جا واعدا ڪيا آهن. امريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست ڪيليفورنيا آهي جيڪا ملڪ جي اڪثر رياستن جي ٽائيم زون ۾ سڀني کان پوئتي آهي ۽ ان سبب ان جا نتيجا به آخر ۾ ايندا آهن. گهڻي ڀاڱي هي رياست ڊيموڪريٽ اميدوار جي حق ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪملا هيرس کٽي وئي ته آمريڪا جي تاريخ ۾ هوءَ پهرين عورت صدر هوندي. آمريڪي انٽيليجنس ايجنسن روس جي مداخلت کان خبردار ڪندي چيو آهي ته هو ڪوڙيون ويڊيوز ٺاهي ووٽرز کي مس گائيڊ ڪندي تشدد لاءِ اڪسائي رهيا آهن.










