آمريڪي سينيٽ،ٽڪ ٽاڪ تي جزوي پابندي جو بل منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي جزوي پابندي لڳائڻ جو بل منظور ڪري ورتو.سوشل ميڊيا ڪمپني ٽڪ ٽاڪ ان حوالي سان رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي اظهار جي آزادي جي خلاف هوندي.ٻئي طرف آمريڪي سينيٽ يوڪرين، اسرائيل ۽ تائيوان لاءِ 95 ارب ڊالرن جي امدادي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي.آمريڪي ميڊيا موجب يوڪرين کي 60.8 ارب ڊالرن جي ادائيگي ان معاشي امداد واري بل جو حصو آهي.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بل ۾ اسرائيل لاءِ 26.4 بلين ڊالر جو امدادي پيڪيج پڻ شامل آهي.آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته بل ۾ منظور ڪيل 8 ارب ڊالر تائيوان کي امداد طور ڏنا ويندا.اهي بل آمريڪي صدر جو بائيڊن کي دستخط لاءِ موڪليا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو