ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحا لوڌي چوي ٿي ته اسرائيل صرف تڏهن ئي روڪي سگهي ٿو جڏهن آمريڪا اسرائيل تي دٻاءُ وجهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڏو آمريڪي فوجي اڏو قطر ۾ آهي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي وٽ اها معلومات نه هجي.مليحا لوڌي چوي ٿي ته قطر تي اسرائيلي حملي جي سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي پئي وڃي، اسرائيل اهڙن حملن ۾ اڪيلو آهي، پر اهو آمريڪي مدد سان ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل هاڻي تائين 7 رياستن تي حملو ڪري چڪو آهي، سڄي دنيا مذمت کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، او آءِ سي ۾ لفظن کان سواءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ مذمت کان سواءِ ڇا ڪيو ويو آهي! سيڪيورٽي ڪائونسل مفلوج ٿي چڪي آهي.هن اهو به چيو ته اسرائيل ۽ ان جي حڪومت امن تي ڌيان نه ٿي ڏئي، اسرائيل جنگ بندي تي ڌيان نه ڏئي رهيو آهي.










