ايران جي ٽن جاين تي تازا آمريڪي حملا، ڪويت سميت مختلف آمريڪي اڏن تي جوابي حملا

ايران جي ٽن جاين تي تازا آمريڪي حملا، ڪويت سميت مختلف آمريڪي اڏن تي جوابي حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ ’آپريشن نصر 2‘ جي ٻي لهر دوران سندس بحري دستن بحرين ۾ ’جفير بيس‘ تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن، جن ۾ هٿيارن جا ڪيترائي گودام، سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر ۽ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو ويو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاسدارانِ انقلاب جي بحري ۽ ميزائل فورسز بحرين ۾ آمريڪي بحريه جي ففتھ فليٽ (پنجين ٻيڙي) جي هيڊڪوارٽر تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي ٽانڪين ۾ باهه لڳي وئي. پاسدارانِ انقلاب موجب، هن ڪارروائي ۾ پيٽرياٽ ريڊار سسٽم، ففتھ فليٽ جو ايئر ڪنٽرول ريڊار ۽ C-RAM ارلي وارننگ ريڊار سسٽم کي پڻ نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان حملي ۾ سمنڊي ڊرونز کي ڪنٽرول ڪندڙ مرڪز به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آهي ته آمريڪي فوجن ايراني فوجي هدفن تي نوان حملا مڪمل ڪري ورتا آهن. سينٽڪام پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي ساحلي دفاعي سسٽم، ميزائلن، ڊرون ۽ بحري تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي.سينٽڪام موجب، ايران ۾ بوشهر، چاهه بهار، جسڪ، ڪونارڪ، ابو موسيٰ ۽ بندر عباس کي نشانو بڻايو ويو. سينٽڪام جو چوڻ هو ته هن وقت 50 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي وچ اوڀر ۾ مقرر ٿيل آهن.

ايران جي ٽن جاين تي تازا آمريڪي حملا، ڪويت سميت مختلف آمريڪي اڏن تي جوابي حملا

قشم ٻيٽ قشم ٻيٽ تي ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ٻيٽ جي گورنر جي آفيس موجب، ڌماڪو آمريڪي ميزائل جي حملي سبب ٿيو. ڪيش ٻيٽ: ايران جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري تسنيم موجب، پاڻي ۽ بجلي جي هڪ سهولت جي ويجهو هڪ ميزائل ڪري پيو، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو. انديمشڪ: ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري آئي آر آئي بي (IRIB) موجب، خوزستان صوبي جي شهر انديمشڪ ۾ به ڌماڪو ٿيو آهي. اداري ڌماڪي جي سبب بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪئي آهي.

سعودي عرب يمن جي هوائي اڏي تي حملو ڇو ڪيو؟

سي اين اين علائقائي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته سعودي عرب ڪالهه يمن جي گادي واري شهر صنعا جي هڪ اهم هوائي اڏي جي رن وي تي حملو ڪيو، جنهن جو مقصد ايران مان واپس ايندڙ حوثي اڳواڻن جي هڪ اهم وفد کي واپس کڻي ايندڙ جهاز کي لهڻ کان روڪڻ هو. هي واقعو هڪ امڪاني طور خطرناڪ ڇڪتاڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ سعودي عرب ۽ حوثين وچ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان غير رسمي جنگبندي تي گهڻو ڪري عمل ٿيندو رهيو آهي. تجزيه نگارن موجب، هي واقعو ظاهر ڪري ٿو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري تڪرار خطي ۾ غير متوقع انداز ۾ وڌيڪ ڦهلجي سگهي ٿو. حملو ٿيڻ کانپوءِ حوثين سعودي عرب جي ڏاکڻي علائقي ڏانهن هڪ ميزائل فائر ڪيو، جنهن کي سعودي اتحاد جي ترجمان موجب هوائي دفاعي نظام ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو. حوثي وفد گذريل هفتي ايران ۾ مرحوم آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس يمن وڃي رهيو هو. حوثي اتر يمن تي ڪنٽرول رکن ٿا ۽ خطي ۾ ايران جي ويجهن اتحادين مان هڪ سمجهيا وڃن ٿا. ان جهاز ۾ ڇا موجود هو، ان بابت به سوال اٿاريا ويا آهن. يمن جي عالمي طور تسليم ٿيل حڪومت حوثين تي الزام لڳايو آهي ته هنن ان اڏام ذريعي ايران مان هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. لنڊن جي ڪنگز ڪاليج جي شعبي “وار اسٽڊيز” سان لاڳاپيل سينيئر فيلو نواف عبيد، جيڪي علائقي بابت باخبر سمجهيا وڃن ٿا، چيو ته سعودي قيادت هيٺ قائم فوجي اتحاد حوثين ۽ ايران کي بار بار خبردار ڪيو هو ته سرڪاري اجازت کانسواءِ ان اڏام کي يمن وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عبيد موجب، عمان ڏانهن رخ ڪرڻ بدران جهاز سعودي عرب طرفان لاڳو ڪيل هوائي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي يمن ڏانهن اڏام جاري رکي، جنهن کانپوءِ سعودي هوائي فوج صنعا جي هوائي اڏي تي حملو ڪيو ته جيئن جهاز کي اتي لهڻ کان روڪي سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آخرڪار ان جهاز کي صنعا کان لڳ ڀڳ 90 ميل اولهه ۾ واقع حوثين جي قبضي هيٺ شهر الحديده جي هوائي اڏي تي لهڻ جي اجازت ڏني وئي، جيئن جهاز ٻارڻ ختم ٿيڻ سبب ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿئي.

ايران حملو ڪيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين، نيتن ياهو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ٻيهر اسرائيل تي حملو ڪيو ته ان جو سخت ۽ طاقتور جواب ڏنو ويندو. نيتن ياهو پنهنجي آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ وڊيو موجب هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو، “مان ايران جي اڳواڻن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن توهان اسان تي حملو ڪندا ته اهو نه سمجهو ته هر شيءِ خاموش رهندي.” هن وڌيڪ چيو، “اهي ڏينهن گذري ويا آهن جڏهن ڪو اسان تي حملو ڪري ۽ اسان ان جو فيصلائتو جواب نه ڏيون.”

جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ايراني صلاحيت ڪمزور ڪرڻ  وارن حملن جو مرحلو مڪمل، سينٽڪام

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام 13 جولاءِ تي رات 10:15 وڳي آمريڪي مشرقي وقت موجب ايران خلاف حملن جي تازي مرحلي کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجن ڪلاڪن تي ٻڌل هن فوجي آپريشن دوران آمريڪي فوج ايران جي مختلف هنڌن تي موجود فوجي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جن ۾ بوشهر، چابهار، جاسڪ، ڪنارڪ، ابو موسيٰ ۽ بندر عباس شامل آهن، جنهن جو مقصد ايران جي تجارتي سامونڊي جهازن تي حملا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور بڻائڻ هو. سينٽڪام موجب، آمريڪي فوجن ايران جي ساحلي دفاعي نظام، ميزائل ۽ ڊرون اڏن، ۽ سامونڊي فوجي صلاحيتن کي انتهائي درستگي وارن هٿيارن سان نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا 50 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار مقرر آهن، ۽ آمريڪي فوجون مڪمل طور چوڪس، جنگي طور تي تيار ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت آماده آهن.

 

ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران اردن ۾ آمريڪي ايئر بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ ’آپريشن نصر 2‘ تحت ايران اردن ۾ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ ايئر بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته هيءَ بيس ايران تي حملن لاءِ استعمال ٿي رهي هئي ۽ آمريڪا کي سندس ڏوهن تي جوابده بڻايو ويو آهي.

ايران پاران ايندڙ 4 ميزائل تباهه ڪيا ويا: اردن
اردن جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي جو چوڻ آهي ته ايران پاران اردن جي فضائي حدود ۾ داخل ٿيندڙ چار ميزائل ڪيرايا ويا آهن. ان کان اڳ ايراني نيوز ايجنسي پاران چيو ويو هو ته اردن ۾ ’موقفس السلطي‘ ايئر بيس کي نشانو بڻايو ويو آهي.

هرمز ۾ يو اي اي جي ٻن ٽينڪرن تي ايران جو حملو هڪ هندستاني شهري فوت، نئين دلي ۾ ايراني سفارتار طلب
ايران جي پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز ۾ خلاف ورزي ڪندڙ ٻن ٽينڪرن کي نشانو بڻائي ناڪاره بڻايو ويو آهي. پاسدارانِ انقلاب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن ٽينڪرن وارننگ کي نظرانداز ڪيو ۽ پنهنجا نيويگيشن سسٽم بند ڪري بارودي سرنگن واري رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز ۾ جارح دشمن سان سهڪار هرمز جي ٻيهر کلڻ ۾ دير جو سبب بڻبو ۽ عالمي توانائي جو بحران پيدا ڪندو. ان کان اڳ متحده عرب امارات (يو اي اي) تصديق ڪئي هئي ته ڏاکڻي آبنائي هرمز ۾ ايران 2 اماراتي ٽينڪرن کي ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو، جنهن دوران عملي جو هڪ هندوستاني ميمبر مارجي ويو هو. واقعي بعد نئين دلي ۾ نائب ايراني سفير کي طلب ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو ويو.
بحرين پاران فضائي دفاعي نظام ذريعي ايراني حملا ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ
بحرين جي بادشاهه جي ميڊيا صلاحڪار نبيل الحمر دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران بحرين جي فضائي حدود ۾ ٿيندڙ ايراني فضائي حملن کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن اها دعويٰ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻو ٽويٽر) تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي.

آمريڪي فوج جو ايران جي شهر اميديه تي حملو، 4 ڄڻا زخمي
ايران جي مِهر نيوز ايجنسي موجب، آمريڪي فوجن ايران جي ڏکڻ-مغربي صوبي خوزستان جي شهر اميديه کي نشانو بڻايو آهي. ايجنسي هڪ مقامي عهدي ديدار جي حوالي سان ٻڌايو ته حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اختيارين موجب، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته حملي سان ٿيندڙ وڌيڪ نقصان جا تفصيل اڃا سامهون نه آيا آهن.

ايران جو ڏاکڻي آبنائي هرمز ۾ اماراتي ٽينڪرن تي ڪروز ميزائلن سان حملو، عملي جو هڪ هندوستاني ميمبر فوت: اماراتي وزارت دفاع
متحده عرب امارات تصديق ڪئي آهي ته ڏاکڻي آبنائي هرمز ۾ ايران 2 اماراتي ٽينڪرن کي ڪروز ميزائلن سان نشانو بڻايو، جنهن دوران عملي جو هڪ هندوستاني رڪن مارجي ويو. اماراتي وزارت دفاع جو چوڻ آهي ته حملي جو واقعو عمان جي علائقائي پاڻيءَ ۾ پيش آيو، ٻنهي ٽينڪرن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ حملي ۾ 8 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. اماراتي وزارت دفاع چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ واڌ جي جواب ۾ ڪارروائي جو مڪمل حق محفوظ رکون ٿا.

آمريڪي فوج پاران ايران خلاف مسلسل ٽين رات حملن جي شروعات
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته ڪمانڊر ان چيف جي هدايت تي ايران خلاف مسلسل ٽين رات فضائي حملن جو آغاز ڪيو ويو آهي. سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهي حملا ايراني فوج کي وڏو نقصان پهچائڻ ۽ آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن تي حملا ڪرڻ جي ايراني صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ لاءِ جاري رهندا. ايراني ميڊيا موجب، ڏاکڻي ايران جي شهر بندرعباس ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.

ايران پاران ڪروز ميزائلن سان آمريڪي بحري جهاز کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
ايراني ميڊيا موجب، ايران ڪروز ميزائلن سان آمريڪي بحري جهاز کي نشانو بڻايو آهي. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊرونز ذريعي ڪويت ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي به نشانو بڻايو ويو. ان کان علاوه، آبنائي هرمز ۾ خلاف ورزين تي ڪيترن ئي جهازن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو