آمريڪي اقدام تي چين خاموش نه رهندو: چيني نائب پرڏيهي وزير

آمريڪي اقدام تي چين خاموش نه رهندو: چيني نائب پرڏيهي وزير

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي نائب پرڏيهي وزير آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پيلوسي جي تائيوان جي دوري تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته چين آمريڪا جي ان قدم تي خاموش نه رهندو.چين جي سرڪاري ميڊيا موجب چيني پرڏيهي وزارت آمريڪي سفير نڪولس برنس کي طلب ڪري نينسي پيلوسي جي تائيوان جي دوري تي سخت احتجاج ڪيو. چيني نائب پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪي قدم جارحاڻي آهي ۽ ان جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. ٻئي طرف شنگهائي تعاون تنظيم جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل لوگوينوف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا روس خلاف شروع ڪيل هائبرڊ جنگ جو دائرو چين تائين وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. لوگوينوف اهو به چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ غلط معلومات کي ختم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو