واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي ڏکڻ اولهه ۾ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي ڪيليفورنيا ۾ برقي گاڏين کي چارج ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي، جڏهن ته ڪيليفورنيا ڪجهه ڏينهن اڳ پيٽرول تي هلندڙ گاڏين تي پابندي جو اعلان ڪيو هو.ٻئي طرف آمريڪي پبلڪ پاور ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته صارفين کي گهرجي ته هو شام 4 وڳي کان رات 9 وڳي تائين بجلي جو استعمال گهٽ ڪن ڇو ته بجلي جي طلب ۾ واڌ سبب سسٽم تي دٻاءُ وڌندو آهي.










