آمريڪا  ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳڻ جا امڪان

آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳڻ جا امڪان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس وفاقي ادارن کي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب حڪومتي ادارن وٽ چيني وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي وفاقي ڊوائيسز ۽ سسٽم مان ڊيليٽ ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت آهي.رپورٽن مطابق بائيڊن انتظاميا جي اها هدايت آمريڪي سينيٽ طرفان گذريل سال ڊسمبر ۾ وفاقي حڪومت جي ڊوائيسز تي ايپ تي پابندي لڳائڻ کانپوءِ آئي آهي.ان حوالي سان ايف بي آءِ ڊائريڪٽر چيو ته چيني حڪومت لکين آمريڪي صارفين جي معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ ڪمپني بائيٽ ڊانس استعمال ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو