آمريڪا ۾ ٻن جهازن جي ٽڪر ۾ اسپيڪر سميت 7 فوت

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا جي رياست الاسڪا ۾ ٻه ننڍا جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سبب 7 ماڻهو فوت ٿي ويا. مري ويلن ۾ الاسڪا جي رياستي اسمبلي جو اسپيڪر گيري نوپ به فوت ٿي ويو، جيڪو پنهنجو جهاز پاڻ هلائي رهيو هو. حادٽي سبب 6 ماڻهو موقعي تي فوت ٿيا ۽ هڪ اسپتال ويندي فوت ٿيو. ٻئي جهاز ۾ 4 ٽوئرسٽ، هڪ گائيڊ ۽ هڪ پائلٽ هئا. مري ويلن مان 4 جو تعلق ڏکڻ ڪيرولينا سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو