آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا، سعودي تي حملا عراق مان نه ٿيا هئا، پاڪستان جنگبندي لاءِ متحرڪ

آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا، سعودي تي حملا عراق مان نه ٿيا هئا، پاڪستان جنگبندي لاءِ متحرڪ

ايران ۽ آمريڪا هڪٻئي جي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن ۽ هڪٻئي جا فوجي مارڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. تازن حملن بعد عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي خام تيل 92 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي. ايران جي دعويٰ موجب اردن ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا ويا، آءِ آر جي سي موجب، اردن ۾ آمريڪا جا 3 جنگي جهاز تباهه ٿيا ۽ سندن ڪجهه فوجي مئا آهن. جنهن جي آزادانه تصديق ناهي ٿي، هنن ڪويت ۾ ڊرون هينگر، فيول ٽئنڪ ۽ هيليڪاپٽرن کي نقصان پهچائڻ جي دعوا ڪئي آهي.

ايران جو بلغاريا کي ميار ۽ چتاءُ

ايراني ميڊيا موجب پرڏيهي وزير عباس عراقچي بلغاريا جي پرڏيهي وزير ويليسلاوا پيٽرووا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران هن بلغاريا پاران مبينا طور آمريڪا کي فوجي مقصدن لاءِ بيزمير ايئر بيس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي. ايراني حڪومت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (X) تي جاري بيان ۾ چيو ته عباس عراقچي بلغاريا تي زور ڀريو ته هو ان فيصلي تي ٻيهر غور ڪري. بيان موجب بلغاريا جي پرڏيهي وزير چيو ته سندن ملڪ “هن تڪرار ۾ حصو نه وٺندو” ۽ سفارتڪاري سان گڏ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي حمايت ڪري ٿو. هي رابطو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن ۽ فوجي اڏن تي حملن جي سلسلي دوران مختلف ملڪن کي خبردار ڪري رهيو آهي ته اهي آمريڪي فوجي ڪاررواين کي ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم نه ڪن.

سعودي دفاع واري وزير جي آمريڪي قيادت سان ملاقات

سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان ــ جيڪو سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو ڀاءُ آهي، تنهن نائب صدر جي ڊي وينس سان ملاقات ڪئي آهي جنهن بعد صدر ٽرمپ سان سندس ملاقات ٿي آهي. خالد بن سلمان خطي ۾ دگهي مدت لاءِ جنگبندي ۽ مستقبل جي صورتحال بابت آمريڪي قيادت کي پنهنجو پلان پيش ڪندو. سعودي عرب جو خيال آهي ته هن جنگ جي جاري رهڻ سان نه رڳو انساني جانيون خطري ۾ پونديون، پر علائقائي سلامتي، معاشي ترقي ۽ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جون ڪوششون پڻ متاثر ٿينديون. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري سخت رقابت باوجود، سعودي عرب تازن سالن ۾ ايران سان گڏجي رهڻ ۽ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪجهه ابتدائي ڪوششون ڪيون هيون. شهزادي خالد بن سلمان اهو ئي پيغام جي ڊي وينس تائين پهچايو. ذريعن موجب، شهزادي خالد بن سلمان صدر سان ملاقات دوران ولي عهد محمد بن سلمان جو پيغام پهچايو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ سعودي عرب جو اهو موقف پيش ڪيو ويو ته هن تڪرار کي ڪهڙي ريت پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو.

مصر ۾ بيٺل آمريڪي سامونڊي جهاز تي ڊرون حملو

سوئس ڪينال لڳ دميتا پورٽ تي بيٺل آمريڪي سامونڊي جهاز تي ڊرون حملي بعد باهه لڳي وئي جيڪا ڀر ۾ بيٺل ٻئي جهاز تائين پکڙجي وئي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جا شعلا پهريون ڀيرو مصر تائين پهتا آهن. ڪنهن به گروهه هن حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي، مصري ڪابينا چيو آهي ته اختيارين مصر جي قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيون آهن. واپاري ذريعن، جيڪي واقعي کان واقف آهن، ٻڌايو ته ڊرون آمريڪي ملڪيت واري گئس اسٽوريج ٽينڪر اينرگوس ونٽر (Energos Winter) کي نشانو بڻايو، جنهن سبب باهه لڳي وئي جيڪا پوءِ ويجهو بيٺل هڪ ٻي ٻيڙيءَ تائين پکڙجي وئي. ياد رهي ته هرمز ۽ باب المندب سعودي جهازن لاءِ بند ٿيڻ بعد سوئيز ڪينال سعودي جو آخري محفوظ رستو آهي.

ايران تي زوردار حملن جي آمريڪي دعويٰ
آمريڪا جي ايران تي رات جو ڪيل حملن ۾ ڏکڻ واري قشم ٻيٽ جي ڳوٺ چاهه تنگو ۾ هڪ گهر تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوڙو ۽ سندن ٻن ورهين جو ٻار مارجي ويو، ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ملبي مان 11 ۽ 7 ورهين جي عمر وارا ٻه ٻار زندهه ڪڍيا ويا، جيڪي ڪجهه وقت تائين ڦاٿل رهيا هئا ۽ هن وقت علاج هيٺ آهن. چاهه تنگو قشم ٻيٽ تي واقع هڪ ڳوٺ آهي، جتي اڪثر گهٽيون صاف ڪندڙ مزدور ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور رهن ٿا. قشم ٻيٽ فارس نار جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي ۽ اهم سامونڊي لنگهه هرمز جي ويجهو واقع آهي. ايراني ميڊيا پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ تباهه ٿيل گهر جي گهڙيال تي وقت رات جو 3 لڳي 36 منٽ تي بيٺل نظر اچي رهيو هو، جيڪو ان وقت جو اشارو هو جڏهن آمريڪي حملو ٿيو. مختصر وقفي کان پوءِ آمريڪا ٻيهر ڏکڻ ۽ ساحلي ايران ۾ مختلف هدفن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. فراشبند شهر ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر پڻ نقصان جو شڪار ٿيو، جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي. قشم ٻيٽ جي 50 ورهين جي هڪ عورت سي اين اين سان ڳالهائيندي چيو ته جنگ جي غيريقيني صورتحال عام زندگي کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو: “هر رات سمهڻ وقت خوف لڳندو آهي ته خبر ناهي صبح تائين زندهه رهنداسين يا نه، اسان جا دوست ۽ گهرڀاتي محفوظ هوندا يا نه، ٻيهر حملو ٿيندو يا ڪجهه سڪون ملندو. ڪڏهن ته صبح جاڳڻ جو به دل نٿو چاهي، ڇو ته خبر ناهي رات ڇا ٿيو هوندو.” قشم ٻيٽ سڄي جنگ دوران بار بار حملن جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. مارچ مهيني ۾ ايراني سرڪاري ميڊيا آمريڪا تي الزام لڳايو هو ته هن ٻيٽ تي موجود سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ واري پلانٽ تي حملو ڪيو ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجن تي مبينا ميزائل حملن جي ڪوششن جي جواب ۾ ايران جي هدفن تي “شديد نوعيت جي حملن” جي وڏي لهر ڪئي وئي.
سعودي تي ٿيل حملن ۾ عراقي سرزمين استعمال ناهي ٿي، ترجمان
عراق جي وزيراعظم جي ترجمان اڄ سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو ته هن هفتي سعودي عرب تي ٿيل حملن لاءِ عراقي سرزمين استعمال ٿيڻ جا ڪي به ثبوت موجود ناهن. سعودي بچاءَ واري وزارت هن هفتي دعويٰ ڪئي هئي ته سومر ۽ اڱاري تي عراق مان اڏامندڙ ڊرونن ذريعي سعودي عرب جي اهم تنصيبات ۽ گادي واري شهر رياض کي نشانو بڻايو ويو. عراقي وزيراعظم جي ترجمان صباح النعمان، عراقي نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو ته، “هن وقت تائين ڪنهن به ڌر انهن دعوائن جي حمايت ۾ ڪو ثبوت پيش ناهي ڪيو.” هن وڌيڪ چيو ته، “عراقي حڪومت پنهنجي سرزمين مان ڪنهن به يڪطرفي ڪارروائي کي برداشت نه ڪندي، ۽ نه ئي پنهنجي سرحدن کان ٻاهران ٿيندڙ ڪنهن به خلاف ورزي کي قبول ڪندي.” اربع ڏينهن عراق ۾ آمريڪي-سعودي گڏيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿيا، ايران جي حمايتي عراقي مليشيا پاپولر موبلائيزيشن فورسز موجب. عراق جي وزيراعظم علي الزائدي هن مهيني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران واعدو ڪيو ته سندس حڪومت عراقي سرزمين تي سرگرم ايران جي حمايتي مليشيائن خلاف ڪارروائي ڪندي، جيڪو مقصد اڳين عراقي حڪومتن لاءِ حاصل ڪرڻ ڏکيو ثابت ٿيو هو.
ڳالهين جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪوششُن ڪري رهيو آهي، ترجمان
پاڪستان پرڏيهي آفيس جي ترجمان خميس ڏينهن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي بحالي لاءِ “هر ممڪن ڪوشش” ڪري رهيو آهي ۽ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ئي واحد مؤثر رستو قرار ڏنو. پاڪستان تازين ڇڪتاڻن کان پوءِ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ اهم ثالثي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي ميزباني ۽ عارضي جنگبندي ڪرائڻ ۾ پڻ مدد شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته، “موجوده ڇڪتاڻ ۽ دشمني واري صورتحال ۾ پاڪستان ٻيهر ورجائي ٿو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري کانسواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو به قابلِ عمل رستو ناهي.” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ “هر ممڪن ڪوشش” ڪري رهيو آهي ۽ جنگبندي برقرار رکڻ ۽ ڳالهين جي ٻيهر شروعات لاءِ ٿيندڙ هر ڪوشش جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو