آمريڪا پاڪستان بابت نئون سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

آمريڪا پاڪستان بابت نئون سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيل تباهي مچائيندڙ خودڪش بم ڌماڪي کانپوءِ پاڪستان لاءِ هڪ نئون سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اسلام آباد ۾ ٿيل خودڪش حملي کانپوءِ هڪ سيڪيورٽي ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو سفر ڪندڙ آمريڪي شهرين کي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته آمريڪي شهري عوامي گڏجاڻين کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي ذاتي سيڪيورٽي منصوبن جو جائزو وٺن.سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آمريڪي شهري صورتحال تي تازه ڪاري لاءِ مقامي ميڊيا جي نگراني ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو