ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن روسي صدر ولاديمير پوتن کي پهريون ڀيرو ”جنگي مجرم“ قرار ڏنو آهي ۽ آمريڪا يوڪرين لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ماليت جي جنگي هٿيارن جي امداد موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪريملن بائيڊن جي تبصرن کي ”ناقابل قبول ۽ ناقابل معافي بيان“ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. روسي فوج گهيري ۾ آيل شهر ماريوپول جي هڪ ٿيٽر تي حملو ڪيو آهي جتي شهرين پناهه ورتي هئي. شهر جي ڊپٽي ميئر بي بي سي کي ٻڌايو ته هزار کان 12 سئو جي وچ ۾ ماڻهو شايد اندر هوندا. فوتين جو تعداد في الحال نامعلوم آهي. اترين شهر چرنيهيو ۾، ماني لاءِ قطار ۾ بيٺا 13 ماڻهو مبينا طور تي روسي گولا باريءَ ۾ مارجي ويا آهن.

يو ايس ڪانگريس کي خطاب ۾ ، صدر زيلينڪسي پنهنجي درخواست کي ورجايو ته فلائي زون تي پابندي هڻو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس جي حملي کي پنهنجي ملڪ جو 9/11 قرار ڏنو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي آمريڪي ڪانگريس کان مدد جي اپيل ڪندي روسي حملي کي پنهنجي ملڪ ۾ 9/11 جو حملو قرار ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا يوڪرين کي 5 ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر، 600 اسٽنگر اينٽي ايئرڪرافٽ سسٽم، 70 همويز ۽ 5 ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر فراهم ڪندو. روس 24 فيبروري تي يوڪرين ۾ پنهنجو حملو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ سوين مارجي ويا آهن، رهائشي ۽ فوجي انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ 30 لک ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن.










