آمريڪا ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪندو: آءِ ايس پي آر

آمريڪا ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪندو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته آمريڪا ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندو.آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ ذريعي 6 پروازن تي امدادي سامان پاڪستان پهچندو. امدادي سامان کڻي ويندڙ پهرين پرواز اڄ پاڪستان پهتي ۽ سامان پاڪستاني فوج جي حوالي ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، امدادي سامان ۾ خيما، پاڻي صاف ڪرڻ وارا پمپ ۽ جنريٽر شامل آهن. آمريڪي چارج ڊي افيئرز ۽ ڪمانڊر يو ايس آر سينٽ اسلام آباد ۾ پاڪستان فوج جي حوالي ڪيو.امدادي سامان پاڪستان فوج جي ٻوڏ متاثرين ۾ ورهايو ويندو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام هن ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيهڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ فورسز جا شڪرگذار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو