ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي ماڻهو ڪيترا به ڪنٽينر لڳائين، 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو اسلام آباد پهچندا. ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمران اوهان جي جنون کان ڊڄن ٿا، اسلام آباد ۾ هڪ ئي آواز هوندو ته اسان کي حقيقي آزادي گهرجي، قوم اهڙن ڌاڙيلن کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندي. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه مان رڳو هڪ لٽ نڪري وئي آهي، هي لٽ اڃا پشاور ۾ ناهي وئي، هنن لٽيرن کي خبر ناهي ته قوم ۾ شعور آهي، قوم جاڳي رهي آهي، اسڪول جي ٻارن کي خبر آهي ته ڦر ڇا آهي.هن چيو ته اهي ماڻهو آمريڪي سازش جو حصو بڻيا ۽ مير جعفر ۽ مير صادق سميت 220 ملين عوام جي چونڊيل حڪومت کي هٽايو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مير جعفر سراج الدوله جو ڪمانڊر هو، هن انگريزن سان گڏجي مسلمانن سان خيانت ڪئي، مير جعفر جي ڪري ئي مسلمان انگريزن جا غلام بڻيل هئا.عمران خان چيو ته انگريزن جي ڀارت وڃڻ کانپوءِ بنگال غريب ترين صوبو بڻجي ويو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مير صادق ٽيپو سلطان سان خيانت ڪئي ۽ انگريزن سان شامل ٿيو هو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ پنهنجا ماڻهو قربان نه ڪنداسين، آمريڪي جنگ ۾ اسان جو قبائلي علائقو تباهه ٿيو، مان ڪڏهن به آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هوس.عمران خان چيو ته آمريڪا لاءِ پنهنجي قوم جا مفاد ڇو قربان ڪيان؟ آمريڪا کي مشرف جهڙو حڪمران گهرجي، جنهن کي هڪ فون تي بيهاري سگهجي، اسان ڪنهن سپر پاور کي نٿا مڃون، اسان ڪنهن جا جوتا پالش ڪرڻ وارا ناهيون.هن چيو ته پوري قوم اسلام آباد پهچي امپورٽڊ حڪومت جي نااهلي جو پيغام ڏينداسين، شريف خاندان وانگر ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪنهن کي به نظر نه آيا. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهي.










