لاهور (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا اسان کي اهڙي صورتحال ۾ نه ڌڪي جنهن ۾ اسان کي انتخاب ڪرڻا پوي، آمريڪا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون ۽ چاهيون ٿا ته اهي لاڳاپا اڳتي وڌن.هڪ آمريڪي جرنل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسان کي آمريڪا-ڀارت پارٽنرشپ سان ڪو به مسئلو ناهي جنهن سان پاڪستان جي مفادن کي نقصان نه پهچي.خواجا آصف چيو ته ڀارت جي موجوده صورتحال پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارت جو سيڪيولر نظريو هندو قومپرست نظريي کان بدلجي ويو آهي. هندستان پنهنجي ملڪ اندر تمام گهڻو قومپرست موقف اختيار ڪيو آهي.بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا ۽ اسان جي علائقائي ڀائيوارن سان لاڳاپن ۾ توازن هئڻ گهرجي. اسان جون سرحدون چين، افغانستان، ايران ۽ ڀارت سان آهن ۽ اسان انهن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا.خواجا آصف چيو ته آمريڪا سان پنهنجي پارٽنرشپ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون. چين سان اسان جا 6 ڏهاڪن کان پراڻا لاڳاپا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان لاءِ وڏين عالمي طاقتن سان لاڳاپن ۾ توازن رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيستائين پاڪستان ۾ معاشي استحڪام نه ايندو، تيستائين سياسي استحڪام نٿو اچي سگهي.جيڪڏهن معاشي استحڪام آيو ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان بهتر پوزيشن ۾ هوندا.خواجا آصف جو اهو به چوڻ هو ته هو ملڪ ۾ عام چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائيندا، آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون ئي معاشري ۾ ورهاست روڪڻ جو واحد طاقتور رستو آهن.










