آمريڪا، 2 ٻارن ۾ منڪي پوڪس وائرس جو پهريون ڪيس رپورٽ

آمريڪا، 2 ٻارن ۾ منڪي پوڪس وائرس جو پهريون ڪيس رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو 2 ٻارن ۾ مونڪي پوڪس وائرس جي تصديق ٿي آهي.سينٽر فار ڊيزز ڪنٽرول اينڊ پرينشن (سي ڊي سي) آمريڪا ۾ ٻن ننڍڙن ٻارن ۾ مونڪي پوڪس وائرس جي تصديق ڪئي آهي.آمريڪي صحت کاتي موجب انهن ٻارن مان هڪ جو تعلق آمريڪي رياست ڪيليفورنيا سان آهي جڏهن ته ٻيو تازو ڄاول ٻار آمريڪا جو رهواسي ناهي ۽ پرڏيهه مان آيو آهي.آمريڪي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ٻارن جي سار سنڀال تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ هن وقت تائين منڪي پوڪس وائرس جا 2 هزار 891 ڪيس سامهون آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو