آل پارٽيز مومينٽ قبيلائي جهيڙا خم ڪرڻ جو مطالبو

آل پارٽيز مومينٽ قبيلائي جهيڙا خم ڪرڻ جو مطالبو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)آل پارٽيز مومينٽ ۾ شامل پارٽين اڄ ٽئين ڏينھن بـ قومي عوامي تحريڪ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاڪ سرزمين پارٽي سنڌ ملاح فورم مجلس وحدت المسلمين شھري ايڪشن ڪميٽي بجاراڻي سڄاڳ فورم طرفان ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ قبيلائي دھشتگردي خلاف آل پارٽيز مومينٽ جي ڪنوينر وڪيل عبدالغني بجاراڻي سجاد بروھي مير فائق جکراڻي دلمراد ڏاھاڻي اڪرم باجڪاڻي ظريت ساگر بجاراڻي بشير ميراڻي غلام مصطفي ميراڻي ميراڻي غلام رسول ملڪ سرمد جاگيراڻي رحمت الله ڇڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جي گھنٽا گھرتي علامتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو جتي سخت نعريبازي قبيلائي دھشتگردي بند ڪريو ڪشمور ضلعي جو امن بحال ڪريو قبيلائي جھيڙا ـ ختم ڪريو سردار صاحب ھمت ڪيو ـ قبيلائي جھيڙا ختم ڪريوـ جاري آھي جاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ ڪشمور ضلعو قبيلائي دھشتگردي جي ور چڙھي ويو آھي ۽ آل پارٽيز مومينٽ 2 مرحلي ۾ گھنٽا گھر چوڪ تي روزاني بنياد تي احتجاج ڪيو ويندو ۽ جيستائين قبيلائي دھشتگردي ختم نـ ٿيندي ايتري تائين احتجاج جاري رھندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو