مٽياري (رياض چانڊيو) آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ صوبائي چيئرمين عبدالڪريم قمبراڻي، صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو ۽ جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاھ کان ڪراچي پريس ڪلب لاءِ نڪتل پيادل مارچ مٽياري پهتو پيادل مارچ جو مٽياري پهچڻ تي ايريگيشن جي مقامي اڳواڻن گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. ريلي جي شرڪاءِ کي مقامي اڳواڻن پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪون اوڍايون ويون. پريس ڪلب اڳيان مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجن 16 جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀٽ شاھ کان ڪراچي طرف پيادل مارچ ڪري رهيا آهيون اسان جو پيادل مارچ 20 جنوري تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو جتي مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو هنيو ويندو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جا مطالبن ۾ آهن ايريگيشن جي ننڍن ملازمن جو به سن ڪوٽا جو حق برقرار رکيو وڃي، ملازمن کي صحت ڪارڊ، پرموشنل پوسٽن تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، سرڪاري زمينن، پلاٽن، ڪوارٽرن ۽ بنگلن تان غير واسطيدار ماڻهن جا قبضا هٽائي آبپاشي ملازمن کي ڏنا وڃن. آر بي او ڊي ، ايل بي او ڊي ۽ سيڊا جي ڪانٽيجنسي ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي . ڪورٽ سڳوري جي حڪم مطابق ٻين صوبن وانگر ايريگيشن جي رٽائر ملازمن کي فوري انشورنس ڏني وڃي . ايريگيشن کاتي ۾ مڪينيڪل ڊويزنن کي فعال ڪري ڪروڙين رپين جي مشينري تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي. سڄي سنڌ ۾ آبپاشي ملازمن جي اولاد کي مفت تعليم ڏني وڃي. آر بي او ڊي ۾ 2001 کان هن مهل تائين ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن جي انڪوائري ڪري ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري ورڪ چارج تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي بحال ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان اهڙيون شڪايتون پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي ڪيون آهن ۽ انهن سنڌ حڪومت کي آبپاشي ملازمن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جا احڪامات به ڏنا پر اڃان تائين ان تي عمل درآمد نه ٿي سگهيو آهي پيادل مارچ ٿوري دير مٽياري پريس ڪلب اڳيان ترسڻ بعد پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو.










