سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)شاهد آفريدي فائونڊيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر رضوان احمد چيو آھي ته شاهد آفريدي فائونڊيشن ماڻھن جي بغير ڪنھن فرق جي خدمت ڪري رهيو آھي ضلعي سانگهڙ جي مختلف علائقن جتي پاڻي کارو آھي ۽ پيئڻ جي لائق نه آھي اتي شاهد آفريدي فائونڊيشن آر او پلانٽ , ,نلڪا ۽ پاڻي واريون ٽئنڪيون ٺھرائيون آھن ته جيئن ماڻھو پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ڪري سگهن ۽ مختلف بيمارين کان محفوظ رهي سگهن اھڙين ڳالهين جو اظھار شاهد آفريدي فائونڊيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر رضوان احمد سانگهڙ اسٽيڊيم جي وزٽ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سانگهڙ هڪ نظر انداز ٿيل علائقو آھي جتي پيئڻ جي صاف پاڻي, تعليم ۽ صحت تي اسان جو ادارو وڌيڪ ڪم ڪندو هي ھڪ خدمت جو ڪم آھي جيڪو اسان رب جي رضا جي لاء ڪري رهيا آھيون پر مقامي ماڻھن کي امانت سمجهي انهن منصوبن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي . ان وڌيڪ چيو ته مان عبدالرحمان خاصخيلي ۽ ھدايت اللله لغاري جي ڪم کي ساراهيان ٿو اهي ٻئي رضاڪارانه طور تي اسان جو سماجي ڪمن ۾ ساٿ ڏين پيا ته جيئن مقامي ماڻھن کي فائدو ملي سگهي ان موقعي تي انيس اعواڻ سميت ٻيا به موجود هئا










