آفريدي جا گرفتاري وارنٽ برقرار، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اشتهاري قرار

آفريدي جا گرفتاري وارنٽ برقرار، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اشتهاري قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي 4 آڪٽوبر احتجاج جي دوران پوليس اهڪار جي شهادت بابت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي.ٻڌڻي جي دوران وڏي وزير سهيل آفريدي جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا ويا. عدالت اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، عامر مغل، حفيظ الرحمان ۽ ٻين ڏوهارين کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم به برقرار رکيو.انهي موقعي تي پي ٽي آءِ جو اڳواڻ اعظم سواتي عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن کان پوءِ انهي جي حد تائين ڪيس جو ٽرائل جاري رکيو ويو. عدالت ۾ اڄ استغاثه جي گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويندا ۽ ڪيس جي ڪارروائي کي اڳيان وڌايو ويندو.ياد رهي ته اهو ڪيس 4 آۡڪٽوبر جي احتجاج دوران هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي بابت داخل ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف اهو ڪيس اسلام آباد جي نون ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو